پير ڪامل شاهه جو ميلو

پير ڪامل شاهه جو ميلو: حضرت ڪامل شاهه جو ميلو 5.6.7 ۽ 8 شوال تي ڳوٺ ڇتن شاهه ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو ۽ ملهه جو مقابلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ پهرئين ۽ ٻئي جوڙ جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان علاوه ميلي ۾ سرڪس، موت جو کوهه، مختلف شين جا اسٽال ۽ دڪان سينگاريندڙن ۾ انعامي مقابلو ٿيندو آهي. ميلي ۾ رڇ ڪتي جي ويڙهه، ٻارن لاءِ جهولا ۽ راڳ رنگ جي محفل به منعقد ٿيندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي. وي جا مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند اچي شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو